پرڏيهين کي سنڌ مان تعليمي سرٽيفڪيٽ ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي: پرڏيهي ماڻهن طرفان سنڌ صوبي مان تعليمي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

دستاويزن موجب ڪيترائي پرڏيهي ماڻهو ميرپورخاص بورڊ مان تعليمي سندون حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ڪجهه پرڏيهي تازن امتحانن ۾ به شريڪ ٿيا هئا.

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڳجهن ادارن اطلاع ملڻ تي ميرپورخاص بورڊ ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ امتحانن ۾ شرڪت ڪندڙن پرڏيهي شاگردن جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته بورڊ آفيسرن رڪارڊ ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ 3 ڀيرا باهه لڳرائي.

پرڏيهي شاگردن جا ضروري دستاويز به موجود نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

هوڏانهن بورڊز ۽ يونيورسٽيز کاتي جي اختيارين معاملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته معاملو حساس آهي، تنهن ڪري احتياط سان جاچ ڪري رهيا آهيون، واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سيڪريٽري بورڊ سنڌ حڪومت کي ڳجهن ادارن جي ڪارروائي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔