ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جو آئوٽ لڪ مستحڪم مان ڪاٽو ڪري ڇڏيو

نيو يارڪ : آمريڪي ريٽنگز ايجنسي فچ پاڪستان جو آئوٽ لڪ مستحڪم مان ڪاٽو ڪري ڇڏيو.

فچ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ وڌندڙ سياسي عدم استحڪام، ڪمزور حڪومتي اتحاد ۽ جلد اليڪشن کي آئوٽ لڪ تبديل ڪرڻ جو سبب ٻڌايو ويو آهي.

فچ رپورٽ موجب ناڪاري ريٽنگ پاڪستان جي سال 2022 جي منڍ کان بگڙجندڙ ليڪوڊٽي ۽ ٻاهرين فنڊنگ صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي تي عمل درآمد ۽ جون 2023 کانپوءِ فنڊنگ حاصل ڪرڻ تي خدشا آهن، جڏهن ته ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن تي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب دٻاءُ آهي.

رپورٽ موجب مالي سال 2022 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ارب ڊالر رهيو ۽ ايندڙ مالي سال اهو خسارو 10 ارب ڊالر رهڻ جا اندازا آهن.

فچ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگي ٻارڻ سبب مهانگائي جي شرح بلند رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔