پنجاب ۾ ننڍي چونڊ کانپوءِ ٽن حڪومتي اتحادين جو رابطو

اسلام آباد : پنجاب جي 20 تڪن ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي نتيجن کانپوءِ حڪومت جي ٽن اتحادين جو پاڻ ۾ رابطو ٿيو آهي.

ذريعن موجب نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، ٽنهي اڳواڻن پنجاب جي ننڍي چونڊ جي نتيجن ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي اتحادين پنجاب ۽ مرڪز ۾ اڳتي جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب ٽنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته اتحادين جي مشاورت سان تفصيلي حڪمت عملي جوڙي ويندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي جي 20 سيٽن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف 15 ۽ ن ليگ 4 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته هڪ سيٽ آزاد اميدوار کٽي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔