بين اسٽوڪس اوچتو ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڪرڪيٽ جي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو

جڳ مشهور انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر

انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بينجمين انڊريو اسٽوڪس هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي جڳ مشهور آل رائونڊر پنهنجي عروج وارن ڏينهن ۾ اوچتو ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪري پنهنجن چاهيندڙن ۽ ڪرڪيٽ ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اسٽوڪس لکيو ته  هو پنهنجو سڄو ڌيان ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي رکڻ چاهي ٿو، انڪري هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي

سندس چوڻ هو ته ون ڊي ڪرڪيٽ کان پاسيرو ٿيڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو ۽ ان فارميٽ ۾ ٽيم جي گهرجن موجب پورو نه پيو لهان.

بين اسٽوڪس اڱاري ڏينهن ڏکڻ آفريڪا خلاف پنهنجي الواداعي ميچ کيڏندو.

2011 ع ۾ آئرلينڊ خلاف ڊيبيو ڪندڙ انگلش آل رائونڊر هڪ ڏينهن واري فارميٽ جي 105 ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي ۽ 39.44 جي ايوريج ۽ 95.26 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 2919 رنسون اسڪورر ڪيون جنهن ۾ 3 سينچريون ۽ 21 ففٽيون شامل آهن، سندس بهترين اسڪور 102 ناٽ آئوٽ آهي، جڏهن بالنگ 74 شڪار ڪرڻ سان گڏ فيلڊنگ ۾ پڻ 49 ڪيچ پڪڙيا.

انگلش ڪرڪيٽ هن وقت مشڪل صورتحال مان گذري رهي آهي ۽ تازو ئي ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز هارائڻ کانپوءِ بين اسٽوڪس جي رٽائريمنٽ واري اعلان ان جي پريشاني ۾  وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي.

انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم هڪ مهيني دوران ٻن بهترين ڪرڪيٽرن جي خدمتن کان محروم ٿي وئي آهي اسٽوڪس کان پهرين عالمي ڪپ 2019ع جي فاتح ٽيم جي ڪپتان آئن مورگن پڻ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔