عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ، جلد مهانگائي مان نجات ملندي:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ، جلد قوم کي مهانگائي مان نجات ملندي.گرين لائين ۽ بليو لائين ميٽرو بس سروس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر خدا جو شڪر آهي ته تيل جي قيمتن ۾ هاڻي لاٿ اچي رهي آهي . سندس چوڻ هو ته مهانگائي جو سلسلو پوئين 4 سالن کان جاري آهي ، گذريل حڪومت جي غلط پاليسين سبب ترقياتي منصوبا تاخير جو شڪار آهن.هن چيو ته اسان ملڪ ۾ شمسي توانائي جو ڄار وڇائڻ چاهيون ٿا ،اڄ اجلاس ۾ شمسي توانائي جي حوالي سان فيصلا ڪنداسين . شمسي توانائي سان عوام جي مهانگي بجلي مان جان ڇٽي پوندي .هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ، ماضي جي تاخير جي ازالي لاءِ سڀئي ادارا ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔