ڪراچي ۾ ڪورونا جي پازيٽو ڪيسز جي شرح 6.5 سيڪڙو رڪارڊ

ڪراچي ۾ ڪورونا جي پازيٽو ڪيسز  جي شرح ۾ لاهه ۽ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي. صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 9 هزار 217 ماڻهن جون ڪورونا ٽيسٽ ڪيون ويون ، جن مان 598 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ شرح 6.48 سيڪڙو رهي . ترجمان اهو به ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ 11 هزار 496 ڪورونا جون ٽيسٽ ڪيون ويون جن مان 634 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ شرح 5.58 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي . ان  کان سواءِ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 0.6 سيڪڙو رهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔