حڪومت پاران عيد جي موقعي تي ريلوي ڀاڙن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان

لاهور: ريلوي واري وزير وفاقي سعد رفيق عيدالاضحيٰ جي موقعي ٽرين جي ڀاڙن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سعد رفيق چيو آهي ته عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران سمورين ٽرينن جي سڀني ڪلاسن جي ڀاڙن ۾ 30 سيڪڙو لاٿ ڪئي وئي آهي.

سعد رفيق چيو ڀاڙن ۾ 30 سيڪڙو لاٿ 10 کان 12 جولاءِ تائين لاڳو هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔