ملڪ ۾ چوماسي برساتن سبب 77 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا:ماحوليات واري وزير

اسلام آباد : ماحوليات بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته 14 جون تي شروع ٿيل چوماسي برساتن سبب ملڪ ۾ هيل تائين 77 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جن مان 39 ڄڻا بلوچستان ۾ فوت ٿي ويا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته انگن اکرن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، اسان قومي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اختيارين ذريعي مقامي ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروعات سان ئي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو هلندڙ آهي، اختيارين موجب بلوچستان ۾ تباهي اچي وئي آهي جنهن سبب مقامي انتظاميا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اپاءَ وٺي رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ 261 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي.

هن چيو ته اها شروعات آهي ۽ اسان کي ان لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي، هن الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ صوبن کي نالن جي صفائي جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔