ائنٽي ڪرپشن سنڌ طرفان حليم عادل شيخ کي گرفتارڪرڻ جي تصديق

ڪراچي: ائنٽي ڪرپشن سنڌ طرفان لاهور جي نجي هوٽل مان حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڄامشوري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن ڄامشورو ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو

سرڪل آفيسر ذيشان حيدر جي فرياد تي حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ اڳوڻو مختيارڪار ٿاڻو بولاخان غلام نبي مهيسر، تپيدار عبدالله  سولنگي، تپيدار شيرالدين ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آھن

ذريعن موجب ڪيس جي متن موجب انڪوائري ۾ پتو پيو ته مختيارڪار  ۽ تپيدار جي ملي ڀڳت سان رڪارڊ  ۾ هيراڦيري ٿي آھي

لاهور جي هوٽل مان سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي گرفتاري جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا، فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار هوٽل ۾ داخل ٿيا ۽ حليم عادل شيخ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته ائنٽي ڪرپشن سنڌ جي ٽيم لاهور وڃي حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو، راهداري رمانڊ منظور ٿيڻ بعد کيس لاهور مان ڪراچي منتقل ڪيو ويندو، حليم عادل شيخ کي سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔