اسٽائلش نظر اچڻ لاءِ جسم کي ڍڪيندي آهيان: نمرا خان

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا نمرا خان تازو ئي جسم جي نمائش سان واڳيل لباس بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي

هڪ ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ نمرا خان چيو ته منهنجو پهريون اصول  آهي ته  پنهنجو جسم نه ڏيکاريان، جسم ڏيکارڻ سان ڪو به اسٽائلش ناهي لڳندو

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا جو چوڻ آهي ته مان ڪنهن اهڙي عورت بابت راءِ جو اظهار نه ڪنديس جيڪا جسم جي نمائش ڪندي آهي

هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته اسٽائلش لڳان پر جسم کي ڍڪڻ ضروري سمجهندي آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔