بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون پري ڊائلاگ جي مرحلي تي آهن:وفاقي گھرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آھي ته ڇا ڪرپشن بابت سوال ڪرڻ عمران خان کي ڀت سان لڳائڻ آهي؟ ڪير ڪرپشن جو سوال ڪري ٿو ته ان تي غداريءَ جا الزام هنيا وڃن ٿا

بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون پري ڊائلاگ جي مرحلي تي آهن، سمورين سياسي پارٽيز چيو آهي ته ٽي ٽِي پي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت چيو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽيز کي  نمائندگي حاصل هجي، سياسي پارٽيز اِن تجويز جي حمايت ڪئي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي گهر واري غداريءَ جو بيانيو تيار ڪري رهي آهي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان پاڻ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندو رهيو آهي، هاڻي ٿورو حوصلو ڪري سچن ڪيسز کي به منهن ڏئي

ڇا ڪرپشن بابت سوال ڪرڻ عمران خان کي ڀت سان لڳائڻ آهي؟ ڪير ڪرپشن جو سوال ڪري ٿو ته ان تي غداريءَ جا الزام هنيا وڃن ٿا، عمران خان جي گهر واري غداريءَ جو بيانيو تيار ڪري رهي آهي، عمران خان پاڻ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندو رهيو آهي، هاڻي ٿورو حوصلو ڪري ۽ سچن ڪيسز کي به منهن ڏئي

وفاقي گھرو وزير وڌيڪ چيو تھ  عمران خان ٻڌائي ته هن کي اقتدار کپي يا اين آر او؟ اسلام آباد ۾ شرپسندن خلاف ٽيئر گئس ۽ رٻڙ جون گوليون فائر ڪرڻ وقت فيمليز موجود نه هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔