ڪراچي : ڄامشوري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن ڄامشورو ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو
سرڪل آفيسر ذيشان حيدر جي فرياد تي حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ اڳوڻو مختيارڪار ٿاڻو بولاخان غلام نبي مهيسر، تپيدار عبدالله سولنگي، تپيدار شيرالدين ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آھن
ڪيس جي متن موجب انڪوائري ۾ پتو پيو ته مختيارڪار ۽ تپيدار جي ملي ڀڳت سان رڪارڊ ۾ هيراڦيري ٿي آھي
متن موجب مير محمد جي نالي تي زمين رجسٽرڊ ڪئي وئي، اُها زمين وري حليم عادل شيخ خريد ڪئي