آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ترڪ بري فوج جي ڪمانڊر سان ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪ بري فوج جي ڪمانڊر ملاقات ڪئي آهي ، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ پيشيوارانه معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ملاقات ۾ دفاعي سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو . آرمي چيف چيو ته پاڪستان ترڪي سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو . ٻنهين ملڪن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي حوالن سان ويجها لاڳاپا آهن . ملاقات ۾ ٻنهين پاران دهشتگردي ٽوڙ ۽ تربيتي معاملن تي وڌيڪ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔