ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي ۾ ملوث 4 ڪردارن جي سڃاڻپ

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي وزيرن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي ۾ ملوث 4 ڪردارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان گڏ ڌماڪي جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا

صوبائي وزير چيو آهي ته حملي ۾ ملوث دهشتگرد داد بخش کي گرفتار ڪيو ويو آهي، دهشتگرد جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته حملي جو ماسٽر مائينڊ زيب آهي

صوبائي وزير موجب دهشتگردن شاري بلوچ کي نفسياتي دٻاءُ وجهي مڙس ذريعي استعمال ڪيو، شاري بلوچ جي مڙس ۽ دهشتگردن سندس نفسياتي ڪيفيت جو فائدو ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔