پي ٽي آءِ ٽيپنگ تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي قيادت بشريٰ بي بي جي آڊيوٽيپ ۾ مخالفن خلاف مهم، غداري جي الزامن ۽ سازش واري بيانيي بابت هدايت کي هڪ پاسي رکي اصل مسئلو ٽيپنگ کي قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سپريم ڪورٽ کان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير شيرين ميزاري چيو ته آڊيو ٽيپ ۾ جيڪو به آهي اهو غيرضرورتي آهي، اصل ڳالهه وزيراعظم جي فون ٽيپنگ جي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود فون ٽيپنگ ٿي رهي آهي.

هن سوال اُٿاريندي چيو ته هن معاملي ۾ آمريڪا طرفان ڪيتري مدد ڪئي پئي وڃي؟ سوچڻ گهرجي ته آمريڪا فون ٽيپنگ ۾ ڪيتري مدد ڪئي .

پي ٽي آءِ اڳواڻ سپريم ڪورٽ کان ٽيپنگ واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومتي مسئلن تي وزيراعظم جي گفتگو ليڪ ڪرڻ ملڪ جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور  ۾ فون ٽيپنگ ختم ڪري ڇڏي هئي،  نيوٽرلز ۽ حڪومت کي عمران خان جي ڪرپشن بابت ڪجهه به نه پيو ملي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔