لوڪ راڳي علڻ فقير کي مداحن کان جدا ٿئي22 سال گذري ويا

ڪراچي: صدارتي ايوارڊ يافته سنڌجي لوڪ راڳي علڻ فقير کي پنهنجي مداحن کان جدا ٿئي22 سال گذري ويا آهن پر سندس آواز جو جادو اڄ به برقرار آهي.صوفياڻن ڪلامن کي(دنبوري) جي ساز  تي پنهنجي منفرد انداز سان پيش ڪندڙ علڻ فقير سنڌ جي ضلعي ڄامشورو جي ڳوٺ آمري ۾ 1932 ۾ پيدا ٿيو. علڻ فقير صوفياڻه ڪلام ڳائي شهرت حاصل ڪئي. ان جي ڳائڻ جو هڪ منفرد انداز هوندو هو. سندس ڳائڻ جو هڪ فلسفيانه عشق هجڻ سبب هن ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي ورتي ۽ روايتي لوڪ گانن کي هڪ نئون انداز بخشيو. علڻ فقير گهڻو ڪري سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي سرن جي ورکا ڪئي . پر اردو زبان ۾ ان جو ڳايل گيت(تيري عشق ۾ جو بهي  ڊوب گيا) گهڻو مشهور ٿيو. ان کان سواءِ ان جي خوبصورت آواز ۾ ڳايل ملي گيت(اتني بڙي جيون ساگر مين توني پاڪستان ديا)  گهڻو مشهور ٿيو. جيڪو اڄ به يوم آزادي جي ڏينهن تي ڳايو ويندو آهي.علڻ فقير کي صدر جنرل ضياءُالحق 1980 ۾ صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ان کان علاوه کيس شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ ۽ ڪنڌڪوٽ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. علڻ فقير بيماري وگهي 4 جولاءِ 2000 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس فن کي اڄ به دنيا ساراهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔