اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ايتري پوليس ڀرتي ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهڙو ڪم ڪري رهي آهي؟

ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل آگاهي ڏيندي چيو ته رپورٽ موجب 8 هزار 400 شهرين مان 600 اڃا لاپتا آهن، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ڪهڙو ڪم پئي ڪري، اها حقيقت آهي ته ڪير به ڪم نٿو ڪري

عدالت گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حڪم تي عمل نه ٿيو ته وزيراعظم پيش ٿئي، ڪيس جي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔