اُم رباب جو والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آئينو کڻي احتجاج


ميهڙ ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي فريادي اُم رباب سکر ۾ آئينو کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي

اُم رباب چيو آهي ته والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس کي 5 سال گذري ويا، عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود انصاف نه مليو آهي

ام رباب چيو ته ملڪي نظام کي آئينو ڏيکارڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته هتي انصاف جو ٻٽو معيار آهي، آئينو ڏسي ٻڌايو وڃي ته ملڪ جي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ انصاف ملندو

ام رباب چيو ته اسان اُتي به وڃڻ لاءِ تيار آهيون، انصاف وٺڻ اسان جو بُنيادي حق آهي، سردار ڪيس کي التوا جو شڪار بڻائڻ گهرن ٿا، افسوس آهي جو 5 سال گذرڻ باوجود بيان رڪارڊ نه ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔