عيدالاضحيٰ  تي 5 موڪلن جو اعلان

وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ تي 5 موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو . وفاقي حڪومت وڏي عيد تي وڏي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، وزيراعظم سيڪريٽريٽ عيدالاضحيٰ تي 5 موڪلن جو اعلان ڪيو آهي . وزيراعظم شهباز شريف جمعي کان اڱاري تائين عيدالاضحيٰ جي موڪلن ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . ان کان اڳ ۾ ڪابيان ڊويزن وزيراعظم کي عيدالاضحيٰ تي 3 موڪلون ڏيڻ جي سمري موڪلي وئي هئي . سمري ۾ ڏهه، يارهن ۽ ٻارهن جولاءِ تي عيد جون موڪلون ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي ،بعد ۾ وزيراعظم کي جمعي جي موڪل شامل ڪري پنج موڪلون ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔