ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي 9 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي 9 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيپرا ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي 9 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . بجلي جي قيمت ۾ واڌارو مئي جي ماهوارفيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي . نيپرا انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ تفصيلي فيصلوجاري ڪندو. ڪي اليڪٽرڪ عملدارن موجب ڪي اليڪٽرڪ کي 300 اسي ارب رپيا وصول ڪرڻا آهن . چيئرمين نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي سستي بجلي وٺڻ لاءِ نيپرا جي ضرورت هجي ته اسان حاضر آهيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔