ڪراچي ۾ اڄ ٻنپهرن کان گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ ٻنپهرن جو ڪراچي ۾ گجگوڙ سان بارش جو امڪان ظاهر ڪيو آهي .چيف ميٽرو لوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اڄ ٻنپهرن جو ٻي کان ٽين وڳي جي ويجهو بارش جي توقع آهي ۽ اهو اسپيل رات ويندي تائين جاري رهندي .هن چيو ته ٻنپهرن جو ٿيڻ واري برسات شام جي وقت تيز ٿي سگهي ٿي، برسات جو اهو اسپيل سڀاڻي ۽ ٻئي ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو .سردار سرفراز جو چوڻ هو ته چوماسي جون هوائون سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن وڌي رهيون آهن . شهر ۾ اڄ تيز  ۽ وچٿري برسات جو امڪان آهي جڏهن ته 6 جولاءِ تي هلڪي برسات جو امڪان آهي .هن چيو ته عيدالاضحيٰ تي به برسات جو امڪان موجود رهندو ، برسات وسائيندڙ سسٽم ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ سنڌ ۾ گهڻيون برساتيون نه ٿيون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔