سنڌ ۾ رات نائين وڳي کانپوءِ ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻ واري پابندي 8 ڏينهن لاءِ معطل

ڪراچي؛ سنڌ سرڪار رات نائين وڳي کانپوءِ ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻ واري پابندي 8 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي

 سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته پابندي عيدالاضحيٰ جي ڪري معطل ڪئي وئي آهي، 11 جولاءِ کان نوٽيفڪيشن تي ٻيهر عملدرآمد شروع ٿي ويندو

 سنڌ سرڪار بجليءَ جي بچت لاءِ گذريل مهيني صوبي اندر بازارون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز رات نائين وڳي کانپوءِ بند ڪرڻ جي پابندي لڳائي هئي

پنجاب ۽ اسلام آباد انتظاميا به ڪاروبار تي وقت جي لڳايل پابندي معطل ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔