راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس کڏ ۾ ڪِري پئي، 20 ماڻهو اجل جو شڪار،11 زخمي

ڪراچي: بلوچستان جي ضلعي شيراني ويجهو مسافر ڪوچ جي حادثي ۾ 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ضلعي شيراني جي علائقي دانا سرڪي ويجهو پيش آيو .اسسٽنٽ ڪمشنر شيراني موجب ڪوچ راولپنڊي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته خيبرپختونخواه جي حدن ۾ وڃي ڪِري پئي، حادثي ۾ 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا . ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته  لاشن ۽ زخمين کي زوب ۽ مغل ڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔