آءِ بي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج، پوليس سان چڪريون، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي پوليس سنڌ اسيمبلي اڳيان احتجاج لاءِ ويندڙ اُميدوارن تي ڪڙڪي پئي، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اُميدوارن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

پوليس اُميدوارن کي سنڌ اسيمبلي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، مزاحمت ڪندڙ ڪيترائي اُميدوار گرفتار ڪيا ويا آهن

اميدوارن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جا عملدار مختلف بهانا ڪري آرڊر نٿا ڏين، ڪراچي جا رهواسي آهيون، پر سڃاڻپ ڪارڊ تي 2 پتا هجڻ جو جواز ڄاڻائي آرڊرز ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، جائز مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج ڪرڻ تي تشدد ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔