راڻيپور پوليس نينگر آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، شهر ۾ شٽربند هڙتال

راڻيپور پوليس 7 ڏينهن گذرڻ باوجود مغوي نينگر آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته واقعي خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي

قومپرست پارٽيز ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي نينگر جي اغوا واقعي خلاف ريلي بعد احتاججي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، جنهن ۾ هندو برادري جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

مظاهري کي خطاب ۾ اڳواڻ چيو آهي ته پوليس آديش کي بازياب ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ بدران ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي

هنن چيو ته هيل تائين نينگر جو ڪو پتو ناهي پيو، وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي آديش ڪمار کي جلد بازياب ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔