خطي ۾ امن لاءِ عالمي شراڪت دارن سان سهڪار لاءِ پرعزم آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي شراڪت دارن سان سهڪار لاءِ پرعزم آهي . پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڪميونسٽ پارٽي چين جي پرڏيهي معاملن بابت مرڪزي ڪميشن جي ڊائريڪٽر  يانگ جيچي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ، جتي هن چيف آف آرمي اسٽاف سان ملاقات ڪئي. چيني وفد سان ڳالهائيندي جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو .يانگ جيچي پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن جي تحفظ ۽ علائقائي استحڪام لاءِ اپائن تي آرمي چيف جو ٿورو ادا ڪيو ، هن پاڪستان سان سهڪار ۾ وڌيڪ بهتري جي ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔