افغانستان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 950 ماڻهو فوت

ڪراچي: افغانستان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي، هيل تائين 950کان کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 600 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن

پرڏيهي ميڊيا موجب افغان صوبي پڪتيڪا ۾ گذريل ڏينهن 6.1 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا، زلزلي سبب هيل تائين 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن

مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته قدرتي آفت ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا آهن، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو

پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جا لوڏا افغانستان جي 500 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته راڄڌاني ڪابل ۾ به زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6.1 هئي ۽ ان جي گهرائي 51 ڪلوميٽر هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔