افغانستان ۾ زلزلي جي تباه ڪارين تي پاڪستان جو رد عمل

اسلام آباد: افغانستان ۾ زلزلي جي تباهڪارين سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڏک جو اظهار ڪندي افغان ڀائرن سان ايڪي جو اظهار ڪيو آهي

وزير اعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان جي عوام جي ڏکين گهڙين ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي

ٻئي پاسي عسڪري قيادت پڻ افغانستان ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔