عامر لياقت حسين جي قبرڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو مقامي عدالت جو حڪم معطل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو مقامي عدالت جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رُڪني بئنچ عامر لياقت حسين جي پُٽ ۽ ڌيءُ طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

 درخواست ۾ مقامي عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم واري حڪم خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي، جڊيشل مئجسٽريٽ 23 جون تي عامر لياقت جي قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو هو

عامر لياقت جي وارثن جي وڪيل ضياء اعوان ايڊووڪيٽ عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ اسان کي لڳي ٿو تھ عامر لياقت جو موت ڊپريشن سبب ٿيو آھي، فيملي ڊپريشن ڏيڻ وارن جي خلاف عدالت سان رابطو ڪنديھن چيو تھ ھڪ اڻڄاتل شخص عدالت ۾ ويو ۽ پوسٽ مارٽم جو آرڊر حاصل ڪري ورتو، درخواستگذار چيو ھو تھ جائيداد جو تڪرار آھي، ضياء اعوان ٻڌايو تھ مئجسٽريٽ ٻھ ڀيرا باڊي جو جائزو ورتو ھو، پوليس چيو تھ عامر لياقت جي جسم تي تشدد جو نشان ناھي، جڏھن تھ پوليس واقعي واري ھنڌ جو معائنو بھ ڪيو ھو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔