پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ گئس وڌيڪ مهانگا ٿيندا: شوڪت ترین

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان قرض معاهدو جولاءِ جي آخر ۾ طئه ٿيندو، پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ گئس وڌيڪ مهانگا ٿيندا

پريس ڪانفرنس دوران شوڪت ترين چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌڻ سان مهانگائي جو وڏو طوفان برپا ٿيندو، حڪمران آءِ ايم ايف سان طئه ڪري چڪا آهن ته پيٽروليم ليوي کي 50 رُپين تائين آندو ويندو

ھن چيو تھ  حڪمران ٻڌائين ته آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ 450 ارب رپيا ڪٿان آڻيندا؟ ڊالر جو مُلهه وڌڻ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ويهجي وئي آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سبب معاشي عدم استحڪام ويو آهي، تنهنڪري پي ٽي آءِ مطالبو ڪري ٿي ته نيون چونڊون ڪرايون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔