ڪراچي جو نور زمان ايشين جونيئر اسڪواش چيمپين بڻجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي نور زمان ايشين جونيئر اسڪواش چيمپين بڻجي ويو اھڙي طرح پاڪستان کي چيمپين شپ ۾ واحد گولڊ ميڊل بھ ملي ويو

سيڪنڊڊ سيڊ نور زمان ٿائي لينڊ جي شھر پتايا ۾ منعقد چيمپين شپ جي بوائز انڊر 19 ايونٽ جي فائنل ۾ ملائيشيا جي جوا چم چوھا کي سخت مقابلي کانپوءِ 1_3 تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي

18 سالن جي نور زمان پھرين گيم 9_11 تان کٽيو، ٻي گيم ۾ 12_10 تان ناڪامي ملي ۽ بعد ۾ ھنن ايندڙ ٻنھي گيمز ۾ 5_11 ۽ 9_11 تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽائيٽل پنھنجي نانءِ ڪيو.پاڪستان چار سالن کانپوءِ اھو ٽائيٽل حاصل ڪيو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔