افغانستان ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 28 زخمي

ڪابل : افغانستان جي صوبي ننگرهار جي ضلعي غني ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 شهري مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿي پيا آهن

افغان ميڊيا موجب زخمين ۾ طالبان سيڪيورٽي فورسز جا 5 اهلڪار به شامل آهن، جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي افغان اختيارين موجب ڌماڪي ۾ صحت کاتي جي ضلعي آفيسر جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، اڃا تائين ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔