ڪراچي: ڪراچي مان لاهور وڃي پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهريٰ جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي
دُعا زهريٰ جي والد مهدي ڪاظمي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامي آهي
دعا زهريٰ جي پيءُ موقف اختيار ڪيو ته عدالت آڏو پيش ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ دعا زهريٰ جي عمر 17 سال ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته نادرا ريڪارڊ ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽس موجب دعا زهريٰ 14 سالن جي آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ 8 جون تي پنهنجي تحريري فيصلي ۾ دعا زهريٰ کي پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي
- TA