اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو زرداري کي لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاڙڪاڻو: اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ سيل 21 جون تي ٿيندڙ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي کي روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي خط لکي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو 21 جون تي ٿيندڙ جلسو چونڊن قائدن جي ڀڃڪڙي آهي، انڪري بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسو نٿو ڪري سگهي.

اليڪشن ڪميشن جي ضلعي مانيٽرنگ سيل پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي کي روڪڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکندي چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 جون 2022ع تي لاڙڪاڻي ۾ چونڊ مهم جو جلسو نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته اهو عمل چونڊ قائدن تي ڀڃڪڙي آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جلسي کي فوري طور نه روڪيو ويو ته چونڊ ضابطن جي خلاف ورزي هوندي ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ياد رهي ته 26 جون 2022ع تي پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر بلدياتي چونڊون ٿينديون، جنهن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ڊويزن جا 14 ضلعا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔