ايف اي ٽي ايف: پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پُراميد، خدشا برقرار

ڪراچي: فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس طرفان گري لسٽ بابت ملڪن جي اسٽيٽس جو اعلان اڄ ڪيو ويندو، پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پُراميد آھي، جڏھن تھ خدشا برقرار آھن

ان سلسلي ۾ حڪومتي عملدارن جو چوڻ آهي ته هيل تائين مليل اطلاعن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن ڀيري معاملو پاڪستان جي حق ۾ ايندو، پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويو، تڏهن به معاملا طئه ٿيڻ ۾ 7 کان 8 مهينا گهربل هوندا

ھن ڀيري پرڏيھي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر جيڪا پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي سربراھ آھي، جرمني جي شھر برلن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراھي ڪري رھي آھي، ھن موجودا ۽ اڳوڻن ايف اي ٽي ايف جي نمائندن ۽ سربراھن سان ملاقاتون ڪيون آھن

واضح رھي تھ سن 2018 ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ جو حصو بڻايو ويو ھو، جنھن بعد پاڪستان ۾ سرمايو لڳائيندڙ ملڪن جو انگ گھٽ ٿي ويو ھو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔