مڪاني چونڊ، سکر ۾ 457 سيٽن مان 34 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

سکر :سکر ۾ مڪاني چونڊن جو ميدان سجي ويو، ضلعي جي 423 سيٽن تي 1315 اميدوارن ميدان ۾ لٿل، ضلعي جي مجموعي 457 سيٽن مان 34 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا، ضلعي اندر چيئرمين وائيس چيئرمين جي 74 سيٽن مان 6 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب، ضلعي ڪائونسل ميمبر جي 42 سيٽن مان ھڪ اميدوار، يونين ڪائونسلز جي وارڊن تي جنرل ميمبر لاءِ 296 سيٽن مان 24 اميدوار، ٽائون ڪاميٽيز جي 17 جنرل ميمبرز جي سيٽن مان 2، ۽ ميونسپل ڪاميٽيز جي 28 جنرل ميمبرز جي سيٽن مان ھڪ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا،باقي رهيل سيٽن تي پ پ ۽ ٻين پارٽين وچ ۾ سخت مقابلن جو امڪان آهي.سکر ضلعي ۾ چيئرمين وائيس چيئرمين جي 74 سيٽن تي 418 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿيا، جن مان 151 اميدوارن مختلف اميدوارن جي حقن ۾ ھٿ کنيو، صرف ڇھه چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن سامھون سمورن اميدوارن ھٿ کنيو نتيجي ۾ 6 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن، جڏھن ته 68 سيٽن تي 267 اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن.اھڙي طرح ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جون 42 سيٽن تي 270 اميدوارن جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد منظور ڪيا ويا، جن مان 87 اميدوارن مختلف اميدوارن جي حق ۾ ھٿ کنيو ۽ اليڪشن وڙھڻ تان دستبرداري اختيار ڪئي، جن جن مان صرف ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بنا مقابلي ڪامياب ٿيو آھي جڏھن ته 41 ضلعي ڪائونسل ميمبرن جي سيٽن تي 183 اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن. ساڳي ريت يونين ڪائونسلز جي وارڊ ۾ جنرل ميمبر لاءِ 296 سيٽن تي 713 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿيا، جن مان 164 اميدوارن هٿ کنيو،  24  جنرل ميمبر بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آھن جڏھن ته 272 سيٽن تي 549 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ٽائون ڪاميٽيز جي وارڊز جنرل ميمبرز جي 17 سيٽن تي 135 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿيا جن مان 45 اميدوارن ھٿ کنيو، رڳو 2 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، جڏھن ته 15 سيٽن تي 90 اميدوارن ۾ اليڪشن ٿيندي، ٻن ميونسپل ڪاميٽيز روھڙي ۽ پنوعاقل جي جنرل ميمبرن جي 28 سيٽن 239 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿيا جن مان 57 اميدوارن ھٿ کنيو، صرف ھڪ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو آھي جڏھن ته 27 تي 182 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن توڙي انھن جي حامين طرفان ڪاميابي لاءِ پنھنجن علائقن جي ووٽرز ڏانھن رک ڪيو آھي باقائدگيءَ سان ورڪ شروع ڪئي وئي آھي شديد گرمي ھجڻ ڪري اڪثر اميدوار شام کان پوءِ ورڪ لاءِ علائقن ۾ نڪرن ٿا ۽ مختلف ھنڌن تي ڪارنر گڏجاڻيون توڙي در در وڃي ووٽرز کي ووٽ ڏين جي اپيل ڪندي نظر اچن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔