ناڻي واري وزير پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته بجلي تي هن وقت به 11 سئو ارب ۽ گئس جي 4 سئو ارب سبسڊي ڏئي رهيا آهيون

هن چيو ته حڪومت دفاعي بجيٽ جيترا 16 سئو ارب سبسڊيز تي لڳائيندي ته معيشت جو ٻيڙو ئي ٻڏي ويندو، اسان کي سخت قدم کڻڻا پوندا

مفتاح اسماعيل چيو ته هيءَ بجيٽ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اسان جو پهريون هدف ملڪ کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پرسنل انڪم ٽيڪس گهٽ لڳائڻ تي آءِ ايم ايف اسان کان خوش نه آهي

هن چيو ته 25 لک دوڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ جي دائري ۾ آڻي رهيا آهيون، عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ڏئي تباهي مچائي ويو، سخت قدم کڻڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به آپشن موجود نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔