پي ٽي آءِ پاران پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ نالو فائنل

لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف مخالف ڌر جو نالو فائنل ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان ميان محمود الرشيد کي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻايو ويندو.

ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ميان محمود الرشيد کي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان ميان اسلم اقبال پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اپوزيشن ليڊر هوندو.

ياد رهي ته ميان محمودالرشيد ان کان اڳ به پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ جي حڪومت دوران مخالف ڌر جو اڳواڻ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔