پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي

لاهور/ پشاور: پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي .

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو ، صوبائي وزير اويس لغاري ايوان ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندو .

پنجاب جي بجيٽ جو حجم 3 هزار 200 ارب روپين کان وڌيڪ هوندو ، پنجاب ترقياتي بجٽ جو حجم 685 ارب روپيا رکيو ويو آهي.

خيبر پختونخواه اسيمبلي جو اجلاس اڄ 2 وڳي ٿيندو ، ناڻي وارو وزير تيمور جهگڙا بجيٽ پيش ڪندو .خيبر پختونخواهه حڪومت 379 ارب 99 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پروگرام کي ترتيب ڏنو آهي .

دستاويزن موجب بندوبستي ضلعن ۾ 310 ارب 89 ڪروڙ رپيا ترقياتي منصوبن لاءِ رکڻ جي تجويز ڏني ويئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواه ضم قبائلي ضلعن لاءِ 69 ارب 9 ڪرور رپين جا ترقياتي فنڊ ڏيڻ جي تجويز آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔