وفاقي ڪابينا پاران 17هين کان 22هين گريڊ جي ملازمن کي ايگزيڪيوٽو الائونس ڏيڻ جي جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا 17هين کان 22هين گريڊ جي سرڪاري آفيسرن کي ايگزيڪيوٽو الائونس ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ وفاق جي آفيسرن جا الائونس به صوبن جي آفيسرن جيترا ٿي ويا آهن.

بجيٽ ۾ 22هين گريڊ جي آفيسرن کي ڊسپيرٽي الائونس ڏيڻ ۽ 20هين کان 22هين گريڊ جي آفيسرن کي ملندڙ رولي الائونس 14 هزار روپين مان وڌائي 25 هزار روپين تائين ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

واضع رهي ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ايگزيڪيوٽو الائونس اڳ ئي لاڳو ٿيل آهي.

ٻئي طرف سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ بابت ٻه تجويزون آهن جن ۾ ايڊهاڪ الائونسز کي ضم ڪري بنيادي پگهار تي 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ غير معمولي واڌ ٿي ويندي.

ڏنل ٻي تجويز ۾ چيو ويو آهي ته موجوده بنيادي پگهار تي ئي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ ايڊهاڪ الائونسز کي ضم ڪيو وڃي، جنهن سان پهرين جولائي 2022ع تائين رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي پينشن ۾ فائدو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔