پنجاب جو ناڻي وارو وزير ڪير ٿيندو؟ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سرگرم

لاهور: پنجاب جي ناڻي واري وزارت بابت ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فيصلو نه ڪري سگهيون، جنهن سبب پنجاب جي ناڻي واري وزارت جو قلمدان اڃان تائين ڪنهن کي به ناهي سونپيو ويو.

ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي ناڻي واري وزارت ماڻڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ٻئي اتحادي پارٽيون خواهشمند آهن، مسلم ليگ ن طرفان مجتبيٰ شجاع الرحمان کي پنجاب جو ناڻي وارو وزير بڻائڻ لاءِ چاهي ٿي جڏهن ته پيپلزپارٽي پنهنجو ناڻي وارو وزير آڻڻ چاهي ٿي.

هوڏانهن صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي بجيٽ ن ليگ طرفان مقرر ڪيل ناڻي وارو وزير پيش ڪندو، جيڪو جلد حلف پڻ کڻندو.

ٻئي طرف چوڌري شجاعت جي ٻنهي پُٽن پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سندن چوڻ هو ته هو هن ڀيري پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔