پ پ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيٽر سڪندر منڌرو لاڏاڻو ڪري ويو آهي، خانداني ذريعن فوتگي جي تصديق ڪئي آهي

سڪندر منڌرو گردن ۾ ڪينسر سبب امريڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو

خانداني ذريعن موجب سڪندر منڌرو جو مڙهه ٽن ڏينهن بعد پاڪستان آندو ويندو

سڪندر منڌرو شهيد بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ پيپلز پارٽي جو باني ڪارڪن پڻ هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔