مني لانڊرنگ ڪيس: وزيراعظم شهباز شريف جي عدالت ۾ پيشي

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ لاءِ لاهور جي عدالت پهچي ويو، عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪري ورتو

عدالت ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نيب منهنجي خلاف سُپريم ڪورٽ ويو، عدالت ثبوت گهريا ته نيب وارا اُتان به فرار ٿي ويا

شهباز شريف چيو ته آئون نه شگر ملز نه ڊائريڪٽر ۽ نه مالڪ آهيان، مون تي انتهائي سنگين الزام هنيا ويا ۽ پيشيون ڀوڳيون

هن چيو ته لڳي ٿو ايف آءِ اي گرفتاري جو رستو ڳولي رهيو هو، تنهنڪري چالان پيش ڪرڻ ۾ دير ڪئي

عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔