پاڪستان کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچائڻ حدف آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻين چيو آهي ته پهريون ٽارگيٽ ملڪ کي سريلنڪا جي حالتن تائين پهچڻ کان بچائڻ ۽ ٻيون ٽارگيٽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ آهي

ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻين وزيرن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته انتظامي معاملن کي بهتر نه ڪيو ته ملڪ هلائڻ ڏُکيو ٿي ويندو

مفتاح اسماعيل چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي سڄو سال اٽو ۽ کنڊ سستي وڪرو ٿيندي، پنجاب ۾ عمل شروع ٿي ويو، ٻين صوبن کي گذارش آهي ته سستي اٽي۽ کنڊ تي ڌيان ڏين

هن چيو ته مون ڊيزل ۽ پيٽرول اسڪيم جي مخالفت ڪئي هئي، پر وزيراعظم چيو عوام کي رليف ڏيڻو آهي، جون کان مستحقن کي سڄو سال 2 هزار رُپيا ماهوار ڏنا ويندا

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔