عامر لياقت حسين جو مڙهه عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو

ڪراچي: مشهور ٽي وي اينڪر، اسڪالر ۽ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت حسين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، سندس مڙهه کي عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو
گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل ايم اين اي عامر لياقت حسين جو لاش پوليس پاران وارثن حوالي ڪرڻ کانپوءِ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي شخصيتن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، عامر لياقت حسين جي جنازي سندس فرزند احمد عامر پڙهائي.
جنازي نماز کانپوءِ عامر لياقت حسين جو مڙهه عبدالله غازي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
ياد رهي ته پوليس عامر لياقت حسين جو مڙهه وارثن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سندس گهرواري، پُٽ ۽ ڌيءَ مقامي عدالت پهتا هئا، جنهن بعد پوليس عامر لياقت حسين جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کي بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔