پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شفقت محمود، حماد اظهر ۽ ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

پوليس لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي
ٻڌڻي دورا پوليس پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي

عدالت زبير خان نيازي، محمد الرشيد، شفقت محمود، ياسمين راشد، حماد اظهر، اعجاز چوڌري، ميان اسلم اقبال، مراد راس، ياسر گيلاني، امتياز محمود شيخ، نديم عباس ۽ عندليب عباس جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا

ٻئي پاسي گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن عبوري ضمانت لاءِ عدالت سان پڻ رابطو ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔