لانگ مارچ ڪيس: پوليس طرفان بدنظمي جو ذميوار عمران خان قرار

اسلام آباد: آءِ جي اسلام آباد تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت ڪيس ۾ پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد پوليس جي رپورٽ موجب عمران خان مظاهرين کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، جنهن دوران 700 کان 800 مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ريڊ زون ۾ مظاهرين جي داخل ٿيڻ دوران 21 شهري زخمي ٿيا، پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن هٿيارن سان ليس هئا، اڪثر ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڏنڊا به هئا

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وڊيو پيغام ۾ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳوو ڪندڙ ادارن مظاهرين کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مظاهرين ڪنٽينرز ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔