بجلي بچائڻ لاءِ ڪاروبار وقت کان اڳ بند ڪرڻو پوندو: مراد شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪاروبار ٻه ٽي ڪلاڪ پهرين بند ڪرڻ سان بجلي بچائي سگهجي ٿي، سنڌ ۾ دڪان ۽ ڪاروبار جلد بند ڪرڻ بابت اسٽيڪ هولڊرز ڳالهين جي هدايت ڪئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي ٺاهڻ لاءِ مهانگو تيل استعمال ڪرڻو پوي ٿو، تنهنڪري سبسڊي ڏيڻي پوندي آهي،غريب ۽ وچولو طبقو نجي اسپتالن ۾ علاج نٿو ڪرائي سگهي، تنهنڪري سرڪاري اسپتالن تي بار وڌيو آهي

هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ بُنيادي صحت تي وڌيڪ فوڪس ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي پنهنجي محنت سان نه رڳو ايندڙ پنج سال، پر اُن کان به اڳتي اقتدار ۾ هوندي

مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ٻي ڪابه پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي خدمت نٿي ڪري سگهي، عوام کي سڀ خبر آهي ته پيپلز پارٽي ڪيئن ڪم ڪندي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔