قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ناليوارو اينڪرپرسن عامر لياقت حسين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: ايم اين اي عامر لياقت لاڏاڻو ڪري ويو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سندس لاڏاڻي جي خبر جي تصديق ڪندي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو .

عامر لياقت جي گهريلو ملازمن جو چوڻ آهي ته رات دير سان اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب عامر لياقت جي طبيعت خراب ٿي وئي، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي ئي دم ڏئي ڇڏيائين.

ذريعن موجب عامر لياقت حسين ڪجهه ڏينهن کان نهايت ئي گهڻي ڊپريشن جو شڪار هو .

عامر لياقت حسين ٽي وي پروگرام عالم آن لائن ۽ رمضان ٽرانسميشن مان شهرت حاصل ڪئي هئي ، هو جيو، اي آر واءِ، بول، ايڪسپريس، پي ٽي وي سميت ڪيترن ئي چينلن سان واڳيل رهيو .

عامر لياقت حسين ڪجهه عرصو اڳ الزامن جي ڪري ملڪ ڇڏڻ جو به اعلان ڪيو هو ،عامر لياقت حسين ٽين شادي ڪئي هئي ۽ ٽين گهرواري هن تي الزام هنيا هئا جنهن کانپوءِ هو منظر عام تان هٽي ويو هو .

عامر لياقت حسين 5 جولاءِ 1971 ع تي ڪراچي ۾ ڄائو هو ، هن پهرين شادي سيده بشرا اقبال سان ڪئي هئي،جنهن مان کيس 2 ٻار آهن ، سندن اهو تعلق 2020 تائين رهيو .عامر لياقت حسين 2018 ۾ ماڊل طوبيٰ سان ٻي شادي ڪئي هئي ۽ فيبروري 2022 ۾ هن به کانئس خلع ورتو هو .

5 فيبروري 2022 تي ضلعي لوڌران جي رهواسڻ 18 سالن جي سيده دانيا شاهه سان هن ٽين شادي ڪئي جيڪا به گهڻو عرصو نه هلي سگهي .

عامر لياقت پنهنجي سياسي ڪيرئير جي شروعات ايم ڪيو ايم کان ڪئي هئي ۽ 2002 ۾ هو قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ، هو مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير به رهي چڪو هو .

مارچ 2018 ۾ هن پاڪستان تحريڪ انصاف جوائن ڪئي، ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي هو قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ، مارچ 2022 ۾ هن پي ٽي آءِ کان به عليحدگي جو اعلان ڪيو هو ، سندس سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔