ڀارت ياسين ملڪ کي گرفتاري دوران شهيد ڪندي: پرڏيهي وزير گڏيل قومن کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ياسين ملڪ جي حوالي سان گڏيل قومن کي خط لکي ڇڏيو، بلاول ڀٽو زداري چيو آهي ته ڀارت جي جيلن ۾ ياسين ملڪ مٿان ظلم ڪري عالمي قانون جي دڄيون ڪڍي ڇڏيون آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڀٽو گڏيل قومن کي خط لکندي ياسين ملڪ سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري خط ۾ ڄاڻايو آهي ته سياسي ڪيس ۾ گرفتار ياسين ملڪ کي ڀارت جي جلن ۾ سخت تشدد جو نشانو بڻائي ساڻس ظلم ڪيو پيو وڃي، جيڪا عالمي قانون ۽ قائدن جي ڀڇڪڙي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي لکيل خط ۾ شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته ياسين کي ملڪ کي قيد دوران شهيد ڪيو ويندو، جنهن جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي نوٽيس وٺي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔